شيوڪرام عطارد ٺٽوي

شيوڪرام عطارد ٺٽوي: سڀ کان اول منشي شيوڪرام جو ذڪر مير علي شير قانع ‘مقالات الشعرا’ ڪتاب ۾ ڪيو. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، “منشين جي طبقي سان تعلق رکي ٿو ۽ طبيعت جو ڀلوڙ انسان آهي. محسن ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ فقير (مير قانع) جو دوست آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار ۾ منشي آهي” (ص 446). بعد ۾ ميان سرفراز جي دور ۾ به سرڪاري ڪارندو رهيو. ڊاڪٽر خضر نوشاهي، عطارد ٺٽويءَ جي باري ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي. جنهن سڀ کان اول پنجاب يونيورسٽيءَ جي فارسي رسالي ‘سفينه’ ۾ عطارد جو فارسي ديوان، ڪجهه سال اڳ مرتب ڪري ڇپرايو. شيوڪرام عطارد جي ٻي تصنيف ‘اِنشاي عطارد’ جي نالي سان ڇپرايائين، جيڪو خطن جو مجموعو آهي، انهن خطن ذريعي ڪلهوڙا دور تي وڌيڪ مواد ميسر ٿئي ٿو. هي ڪتاب به فارسيءَ ۾ آهي، جيڪو نوادرات کاتي حڪومت سنڌ پاران 2013ع ۾ ڇپيو آهي. هير رانجها، محبت نامه، نثر توڙي نظم ۾ قلمبند ڪيائين. هي فارسي تصنيف اڃا نه ڇپي آهي.
ڊاڪٽر خضر جي تحقيق موجب، منشي شيوڪرام ‘عطارد’ سن 1196هه/ 1781ع ۾ وفات ڪئي. سنڌ جي فارسي ادب ۾ عطارد جي گهڻي اهميت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو